سپريم ڪورٽ ۾ پاناما فيصلي تي نظر ثاني جي درخواست داخل

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ پاران ٻڌايل پاناما فيصلي تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي، نظر ثانيءَ جي پٽيشن وطن پارٽي جي چيئرمين بئرسٽر ظفرالل طرفان داخل ڪرائي وئي آهي، درخواست گذار پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ جوائنٽ جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جي تشيڪل جو حڪم ڏنو ويو آهي، جيڪو قانون جي خلاف ورزي آهي، اهو به چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي ٽيم ۾ انهن ايجنسين جي آفيسرن کي شامل ڪيو آهي جن کي نه ته ديواني نوعيت جي خبر آهي نه ئي ٻاهرين معاملن جو ڪو تجربو آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي فيصلي تي ٻيهر نظر ثاني ڪئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *