سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي: حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ تي جي آءِ ٽي کان جواب طلب
June 8, 2017 at 6:18 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ پاناما پيپرز ڪيس ۾ جاچ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ تي جي آءِ ٽي کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني خاص بينچ پاناما ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضيا هن وقت تائين اڳڀرائي تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪئي. ٻڌڻي دوران حسين نواز جي وڪيل خواجا حارث پنهنجي موڪل جي تصوير ليڪ ٿيڻ جو معاملو اٿاريو. هن چيو ته ويڊيو رڪارڊنگ جي ڪنهن قانون ۾ اجازت ناهي، ان سان پيش ٿيندڙ تي دٻاءُ وڌندو آهي. تصوير ليڪ ٿيڻ جي ذميواري جي آءِ ٽي جي آهي. خواجا حارث جي ڳالهه تي جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏنا ته حسين نواز جي تصوير اسڪرين شاٽ آهي. ويڊيو رڪارڊنگ ناهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته ان معاملي تي جي آءِ ٽي کي ٻڌي وٺون ٿا. جاچ جي ضرورت پئي ته ڏسنداسين.