سپريم ڪورٽ ۾ عاصمه قتل قتل جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ عاصمه قتل ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ بئنچ جوڙي وئي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار عاصمه قتل ڪيس جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو ۽ ڪي پي پوليس کي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ عاصمه قتل ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ سڀاڻي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي جنهن لاءِ بئنچ به جوڙي وئي آهي.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.  عدالت ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ۽ صوبي جي آءِ جي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *