سپريم ڪورٽ ۾ صادق سنجراڻي جي سينيٽ چيئرمين طور اهليت چيلينج

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ صادق سنجراڻي جي سينيٽ چيئرمين طور اهليت کي چيلينج ڪيو ويو، درخواست ۾ صادق سنجراڻي، سيڪريٽري سينيٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذار عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته آئين جي موجب صادق سنجراڻي موجوده صدر بڻجڻ جي اهليت نٿو رکي، صادق سنجراڻ جي هن وقت عمر لڳ ڀڳ 40 سال آهي جڏهن ته آئين ۾ صدر بڻجڻ جي لاءِ عمر 45 سال آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته صادق سنجراڻي کي موجوده صدر بڻايو ويو ته آئيني بحران پيدا ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *