سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچون جوڙڻ لاءِ جسٽس امين الدين خان جي چيمبر ۾ ٿيل ٿيل ۾ آرٽيڪل 191ايَ تحت ڪيسن جي ڪلر ڪوڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچون جوڙڻ بابت جسٽس امين الدين خان جي چيمبر ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بئنچن جي معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪم جي طريقيڪا سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
گڏجاڻي ۾ جسٽس امين الدين کي التوا هيٺ آئيني ڪيسن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته آرٽيڪل 184 جي ذيلي شق هڪ، آرٽيڪل 184 جي ذيلي شق 3 جا ڪيس التوا هيٺ آهن.
اجلاس ۾ 26هين آئيني ترميم کانپوءِ آرٽيڪل 191 ايَ تحت ڪيسن جي ڪلر ڪوڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سينيئر ريسرچ آفيسر مظهر علي خان کي آرٽيڪل 199 جي ڪيسن جي ڇنڊڇاڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ڪيس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ ۽ بئنچ جو فيصلو ٻن سينيئر ميمبرن جي صلاح مشوري سان ٿيندو.
جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل ڪميٽي آئيني بئنچ ٺاهيندي ۽ ايندڙ اجلاس بعد شيڊيول ڪيو ويو ويندو.
پڌرنامي موجب ٽه رڪني ججن واري ڪميٽي گهٽ ۾ گهٽ پنجن ججن تي ٻڌل آئيني بئنچ ٺاهيندي پر ڪميٽيءَ جو ميمبر جج پرڏيهه ۾ آهي، ان جي واپسيءَ تي اجلاس ٿيندو.
جاري ڪيل پڌرنامي موجب 6 نومبر جي آئيني بئنچن بابت اجلاس جي ميٽنگ جا منٽ جاري ڪيا، 6 نومبر جو اجلاس ڪميٽي ميمبر جسٽس جمال مندوخيل جي عدم دستيابي تي ملتوي ڪيو ويو هو.