سپريم ڪورٽ ڪورونا وائرس کان بچاءَ جو حفاظتي سامان مهانگو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪورونا کان بچاءَ جو حفاظتي سامان مهانگو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو: ڪورونا بابت سموري طبي سامان جا مناسب اگهه يقيني بڻائڻ جي هدايت، سپريم ڪورٽ ڪورونا پاڻمرادو نوٽيس تي ٿيل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي چيو آهي ته نفعي خورن ڪورونا مريضن جون دوائون ذخيرو ڪري ڇڏيون آهن ۽ مهانگي اگهه وڪرو ڪيون پيون وڃن، ڪورونا مريضن لاءِ گئس سلينڊر به مهانگا وڪرو پيا ٿين پر وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي، عدالت سنڌ حڪومت کي مهانگيون گاڏيون وٺڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ اٽارني جنرل کان ڪورونا وائرس بابت هڪ جهڙي پاليسي ٺاهڻ واري معاملي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.سُپريم ڪورٽ طرفان دوائون مهانگيون ٿيڻ جي حوالي سان درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ دوا سازن جي وڏي مافيا موجود آهي، افسوس آهي جو حڪومت ڪوبه ڪم نه پئي ڪري، دوائن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت ۾ فيصلي ڪرڻ جي همت نه آهي، رڳو ڪاغذي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، حڪومت پاڻ ڪجهه ڪري ڪونه ٿي، فيصلو ڪرڻ لاءِ معاملو عدالت جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويندو آهي، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي ڇا ڪري رهي آهي؟ اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته وفاقي ڪابينا دوائن جي اگهن وارو مامرو ٽاسڪ فورس حوالي ڪيو آهي، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ٽاسڪ فورس فيصلو ڪرڻ بدران اِن معاملي تي ويهي رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *