سپريم ڪورٽ ڊي جي نيب سميت 4 ڊي جيز کي نوڪرين تان فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ڊي جي نيب سميت 4 ڊي جيز کي فوري طور تي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ نيب ۾ غير قانوين ڀرترين خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڊي جي نيب عاليا رشيد سميت 4 ڊي جيز کي فوري طور نوڪرين تان فارغ ڪرڻ ۽ ٻين آفيسرن خلاف 3 رڪني جاچ ڪميٽي بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالتي حڪم جي آڙ ۾ ايندڙ 3 فوجي آفيسر به شامل آهن.  سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڪميٽي 2 مهينن ۾ نيب آفسيرن جي اسڪروٽني ڪري ۽ نيب خالي جاين تي 3 مهينن ۾ ٻيهر ڀرتين ڪري. سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٽنهي آفيسرن کي ريٽائرمينٽ جا سمورا فائدا ڏنا ويندا تنهن هوندي ڊي نوٽيفاءِ آفيسر ضرورت وقت ڪنٽريڪٽ تي رکي سگهجن ٿا. ڪميٽي ۾ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ، ڊي جي ايڇ آر نيب ۽ ايف پي ايس سي جا نمائندا شامل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *