لاهور(م ڊ) سپريم ڪورٽ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي ڀتن تي اشتهيار مهم هلائڻ کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ اليڪشن ڪميشن جي قائدن قانون بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت اميدوارن کي ڀتن تي چاڪنگ مهم هلائڻ کان روڪي ڇڏيو . ان موقعي ته چيف جسٽس حڪم ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ تي سختي سان عمل ڪرائي ۽ اليڪشن ڪميشن ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ بابت اشتهاري مهم ميديا تي هلائي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته بينر ۽ پوسٽر لڳڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن کي اميدوارن جي خبر پيجي سگهي، عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن مٿان رڳو هڪ ئي ذميواري باقي وڃي بچي آهي، الله خير ڪري الڪيشن جي ذميواري نڀائي سگهون.