اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ پاناما فيصلي تي ٺهندڙ جي آءِ ٽي جي لاءِ اسٽيٽ بينڪ ۽ ايس اي سي پي طرفان موڪليل نالا رد ڪري ڇڏيا، سپريم ڪورٽ ۾ پاناما فيصلي تي عملدرآمد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ۽ عدالت اسٽيٽ بينڪ ۽ ايس اي سي پي طرفان جي آءِ ٽي جي لاءِ ڏنل نالن کي رد ڪندي چيو آهي ته جي آءِ ٽي جي لاءِ نالن جي منظوري عدالت پاڻ ڏيندي، عدالت حڪم ڏنو ته جي آءِ ٽي جي لاءِ نالن جي چونڊ ادارن جا سربراهه پاڻ نه ڪندا، اسٽيٽ بينڪ ۽ ايس اي سي پي جا گريڊ ۱۸ يا ان کان مٿي جي آفسرن جي فهرست جمعي ڏينهن عدالت ۾ حاضر ٿي پيش ڪن، جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته اهڙا نالا نه ڏنا وڃن جيڪي معيار تي پورو نه لهي سگهن، هر ڪم شفاف انداز ۾ چاهيون ٿا.