سپريم ڪورٽ يوٽيلٽي اسٽورن کي معياري گيهه وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي
February 14, 2017 at 10:27 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ يوٽيلٽي اسٽورن کي صحت جي اصولن مطابق گيهه وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي اڱاري تي چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ غير معياري گيهه بابت پاڻ مرادو نوٽيس جي ٻڌني ڪئي يوٽيلتي اسٽورن جي وڪيل چيو ته عدالتي حڪم تي يوٽيليٽي اسٽورن تي وڪرو ٿيندڙ مختلف برانڊن جي گيهه جا 51 نمونا ورتا ويا جن مان 45 نمونا انساني صحت جي لاءِ صحيح قرار ڏنا ويا جڏهن ته 6 ڪمپنين جي گيهه جا نمونا معيار کان گهٽ قرار ڏنا ويا. جن کي واپس ڪيو ويندو. چترال ۾ تازو برف پوڻ سبب گيهه جي ليبارٽري جي جاچ پڙتال نه ٿي سگهي وڪيل چيو ته استعمال ٿيندڙ گيهه جا پڪوڙا سموسا ۽ مڇي جي فرائي ڪرڻ ۾ استعمال ٿئي ٿو جيڪا انساني صحت لاءِ تمام نقصانڪار آهي ان ڪري عدالت ان معاملي جو به نوٽيس وٺي عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان جي جاچ غير معياري گيهه جي وڪرو تي آهي جنهن جي اجازت نٿي ڏيئي سگهجي يوٽيلٽي اسٽورن کي معيار تي پورو لهندڙ گيهه جي وڪرو ڪرڻ جي اجازت آهي استعمال ڪيل گيهه جي وڪرو کي روڪڻ حڪومت جو ڪم آهي حڪومت جواب ڏي ته استعمال ٿيل گيهه جي وڪرو کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته استعمال ٿيل گيهه جي استعمال ٿيڻ واري معاملي تي واسطيدار فوڊ اٿارٽيز کي طلب ڪري سگهجي ٿو ايندڙ ٻڌڻي تي استعمال ٿيل گيهه جي وڪرو سميت چائنا نمڪ ٽريڙا پيڪ کير ۽ پلاسٽڪ بوتل واٽر معاملي جو جائزو ورتو ويندو عدالت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ سلمان اڪرم راجا کي عدالتي معاون مقرر ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.