اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ نواز شريف خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف وزيراعظم طور آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڏنو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته خدائي خدمتگار صاحب، ميان صاحب ڪهڙي توهين ڪئي آهي. درخواستگذار چيو ته عدالتي فيصلي تحت شولڊر پروموشن نه ٿا ٿي سگهن. چيف جسٽس چيو ته نواز شريف هاڻي وزيراعظم نه رهيو آهي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته توهين عدالت جو معاملو غير موثر ٿي چڪو آهي. عدالت توهين عدالت جي درخواست غير موثر هئڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي.