سپريم ڪورٽ نواز شريف جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو) سپريم ڪورٽ نواز شريف جي سزا معطلي ۽ ضمانت ۾ واڌ واري درخواست ر د ڪري ڇڏي.چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني خاص بينچ العزيزيا ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا معطلي ۽ ضمانت ۾ واڌ جي نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي ۽ بيمارين ۾ پيچيدگيون اينديون پيون وڃن، کيس جيڪو علاج گهربل آهي اهو پاڪستان ۾ ممڪن ناهي، ضمانت دوران ان جو هائيپر ٽينشن ۽ شوگر جو علاج ٿيو آهي.چيف جسٽس چيو ته ڊاڪٽرن انجيوگرافي جي سفارش ڪئي هئي ۽ ان لاءِ ئي عدالت ضمانت ڏني هئي، فيصلي ۾ نواز شريف کي پورو پيڪيج ڏنو هو، هن وٽ گهڻا ئي قانوني آپشن موجود آهن، پاڪستنا ۾ علاج لاءِ بهترين ڊاڪٽر موجود آهن، عدالت ضمانت علاج لاءِ ڏني هئي صرف ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ نه، 6 هفتن کانپوءِ به سندس انجيوگرافي نه ٿي.چيف جسٽس چيو ته هر شئي کي سياسي رنگ ۾ ڏسي عدالت کي بدنام ڪيو ويندو آهي، صرف موت جي  سزا جي ڪيس ۾ ئي سزا معطل ٿيندي آهي، عدالتي حڪم واضح آهي جيڪڏهن نواز شريف سرنڊر نه ڪيو ته سندس گرفتاري ٿيندي. سپريم ڪورٽ ٻڌڻي کانپوءِ نواز شريف جي ضمانت ۾ واڌ واري  درخواست رد ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *