سپريم ڪورٽ موبائل فون ڪارڊز تي سڀئي ٽيڪس بحال ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: (بيورو): سپريم ڪورٽ آف پاڪستان موبائل فون ڪمپنين جا تمام ٽيڪس بحال ڪري ڇڏيا آهن.چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ موبائل فون ڪارڊ تي ٽيڪس متعلق اهم ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران هڪ اهم قانوني نڪتي تي بحث ٿيو ته 184 ٿري جي ازخود نوٽيس ڪيس ۾ ٽيڪس جي معاملن کي ٻڌي سگهجي ٿو يا معطل ڪري سگهجي ٿو.عدالت وفاق ۽ صوبن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو، جنهن کي ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ موبائل فون ڪارڊ تي معطل ڪيل سڀئي ٽيڪس بحال ڪري ڇڏيا آهن.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ٽيڪسن جي معاملن ۾ ڪو به حڪم جاري نٿي ڪري سگهي. چيف جسٽس ان حوالي سان مختصر فيصلو پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته روينيو ۽ ٽيڪس معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ بغير ئي ڪيس کي ختم ڪريون ٿا.عدالتي فيصلي کانپوءِ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته اسان رڪوري ڪنهن کان ڪنداسين؟ ان تي چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته هي معاملي اسان جي سامهون نه آيو آهي، رڪوري جو معاملو اسان نه ڏسنداسين. عدالتي فيصلي کانپوءِ هاڻ 100 رپين جي موبائل ڪارڊ تي 75 رپين جو بيلنس ملندو. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *