سپريم ڪورٽ منرل واٽر ۽ شربتن جي ڪمپنين کي هر سال 10 هزار وڻ پوکڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ منرل واٽر ۽ شربتن جي ڪمپنين کي هر سال 10 هزار وڻ پوکڻ جو حڪم ڏيندي زمين هيٺ پاڻي جي استعمال بابت ڪيس جي تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته زمين هيٺ پاڻي جي استعمال تي هڪ رپيو في ليٽر قيمت مقرر ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ زمين هيٺ پاڻي جي استعمال بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن کي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار لکيو هو. چيف جسٽس ثاقب نثار تفصيلي فيصلي ۾ چيو ته زمين هيٺ پاڻي جي استعمال تي هڪ رپيو في ليٽر قيمت مقرر ڪئي وڃي ۽ ان رقم کي ديامر ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جي اڏاوت ۾ استعمال ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته پاڻي جي قيمت جو بار صارفين تي منتقل نه ڪيو ويندو پر ٽيڪسٽائيل، گارمينٽس، شوگر ملز، پيٽروليم ايفائنريز ۽ ٻين صنعتن کان زمين هيٺ پاڻي جي قيمت وصول ڪئي وڃي.ڪيس جي تفصيلي فيصلي ۾ عدالت پاران حڪم ڏنو ويو آهي ته منرل واٽر ۽ شربتن جي ڪمپنيون ڪارپوريٽ ذميواري تحت وڻڪاري جي سرگرمين کي هٿي ڏين. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ هڪ خاص بينچ جوڙي ويندي جنهن ۾ جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس اعجازلاحسن شامل هوندا. تفيصيلي فيصلي مطابق سپريم ڪورٽ جي خاص بينچ 31 جنوري تي عدالتي فيصلي تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان ٻڌڻي ڪندي جڏهن ته حڪم ڏنو ويو آهي ته حڪومتون،فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) ۽ لاڳاپيل ادارا عدالتي فيصلي تي عمل ڪررائين. چيف جسٽس فيصلي جي روشني ۾ صوبائي حڪومتن کي پاڻي جي قيمت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. زمين هيٺ پاڻي جي قيمت مقرر ڪرڻ جي حوالي سان فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پروفيسر  احسان صديقي جي سربراهي تي ٻڌل ڪميٽي ٻين صنعتن لاءِ قيمت جي سفارش ڪندي ۽ ان مد ۾ حاصل ٿيندڙ رقم کي الگ اڪائونٽ ۾ رکيو ويندو.سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته منرل واٽر ۽ شربتن جون ڪمپنيون پنهنجي پروڊڪٽ کي فوڊ اٿارٽي وٽ رجسٽرڊ ڪرائن فوڊ اٿارٽيز ۽ لاڳاپيل ڪميٽين وٽ ڪنهن به قسم جو سرپرائيز دورو ڪرڻ جي مڪمل اختيار هوندو.چيف جسٽس تفصيلي فيصلي ۾ ڪمپنين کي وڻڪاري مهم جي حوالي سان چيو ته منرل واٽر ۽ شربتن جون ڪمپنيون هر سال 10 هزار وڻ لڳائين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *