اسلام آباد: (بيورو) سپريم ڪورٽ عافيه صديقي جي ڪيس کي پرڏيهه ۾ قيد پاڪستانين جي ڪيس سان ڳنڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب جسٽس عظمت سعيد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي جي هر ٽن مهينن کانپوءِ پاڪستاني قونصلر سان ملاقات ٿيندي آهي. جسٽس عظمت سعيد ڊپٽي اٽارني جنرل کي چيو ته جائزو وٺو ته ڇا عافيه صديقي جي سزا پاڪستان ۾ پوري ٿي سگهي ٿي، عافيه جو معاملو به شايد ٻين پاڪستاني قيدين سان گڏ کڻڻ تي شايد ڪجهه ٿي وڃي.سپريم ڪورٽ عافيه صديقي ڪيس پرڏيهه ۾ قيد پاڪستانين جي ڪيس سان ڳنڍڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي آئين جي آرٽيڪل 184(3) تحت داخل درخواست ۾ عدالت کي اپيل ڪئي هئي ته حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته عافيه کي آمريڪي جيل مان واپس آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.