سپريم ڪورٽ طرفان جي آءِ ٽي جي جاچ ۾ رنڊڪن تي اٽارني جنرل کان سڀاڻي تائين رپورٽ طلب

اسلام آباد( بيورو )سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ۾ رنڊڪن  بابت اٽارني جنرل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ ۽ کيس ڌمڪين بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي. جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي. سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺي رهي آهي. جي آءِ ٽي کي جاچ ۾ رنڊڪن جي شڪايت تي سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل آفيس کان سڀاڻي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪجهه ادارن تي رڪارڊ تبديل ڪرڻ جا سنگين الزام آهن. هن چيو ته جيڪڏهن رنڊڪون وڌيون ويون ته ٽائيم فريم ۾ ڪم مڪمل نه ٿيندو. هن چيو ته رياستي ادارن جا سربراهه جاچ کانپوءِ عدالت کي خط ڇو لکندا آهن، ڇا اهڙو رويو مناسب آهي؟ سپريم ڪورٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ بابت ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *