سپريم ڪورٽ شيخ رشيد کي اهل قرار ڏيئي ڇڏيو، شڪيل اعواڻ جي درخواست خارج

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ مسلم ليگ جي اڳوان شڪيل اعوان جي درخواست خارج ڪندي شيخ رشيد کي اهل قرار ڏيئي ڇڏيو اربع تي جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن ميمبرن واري بئنچ هڪ مقابلي ۾ ٻه جي تناسب سان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شڪيل اعوان جي درخواست خارج ڪندي شيخ رشيد کي اهل قرار ڏنو فيصلي جي روح سان شيخ رشيد 2018 جي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو فيصلي ۾ جسٽس قاضي فائض عسيٰ جو اختلافي نوٽ شامل آهي جنهن ۾ لکيو آهي ته هن معاملي تي فل ڪورٽ بڻايو وڇي 23 صفحن تي ٻڌل اڪثريي فيصلو جسٽس عظمت سعيد لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو ته جسٽس قاضي فائض عيسيٰ جون سفارشون تسليم ڪجن ته ايندڙن چوندن جي قانوني حيثيت تي سوال پيدا ٿيندا سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ جسٽس قاضي فائض عيسيٰ جو اختلافي نوٽ شامل آهي جنهن ۾ ست سوال اٿاريا ويا آهن ڇا نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪنهن غلط بياني يا ڪجهه لڪائڻ تي نااهلي ٿي سگهي ٿي ڇا درخواست ۾ نه اٿاري ويندڙ معاملي کي بعد ۾ پٽيشن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو ڇا آرٽيڪل 225 تحت 184 (3) جي ڪارروائي جي ممانعيت آهي چيف جسٽس انهن ستن سوالن جي جواب لاءِ سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ بئنچ جوڙي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *