سپريم ڪورٽ شعيب شيخ جي ضمانت واري درخواست بابت اپيل اُڪلائي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ آءِ ٽي ڪمپني ايگزيڪٽ چيف ايگزيڪٽو آفيسر (سي اي او) شعيب شيخ جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست واپس وٺڻ تي اُڪلائي ڇڏي، گڏوگڏ عدالت حڪم ڏنو ته ٽرائل ڪورٽ ڪنهن به عدالتي آبزرويشن سان متاثر ٿيڻ کان سواءِ فيصلو ڪري. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ضمانت واري درخواست ۽ مني لانڊرنگ ڪيس بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف شعيب شيخ جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ايگزيڪٽ جو وڪيل پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران ايگزيڪٽ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لکين ڊالرن جي رقم قانوني طريقي سان پاڪستان آئي، جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته معاملو وطن واپس آڻڻ جو نه پر رقم ٻاهر کڻي وڃڻ جو آهي. هن ريمارڪس ڏنا ته ايگزيڪٽ جي سي اي او جي جاري ڪيل چيڪن جو مني لانڊرنگ سان ڪو به تعلق ناهي، ٻڌايو وڃي ته جوابدار 17 ڪروڙ رپين جا 116 چيڪ ڇو جاري ڪيا؟ ڇا جوابدار ان معاملي تي ڪا وضاحت ڪئي؟ ايگزيڪٽ جي وڪيل ٻڌايو ته اهي چيڪ اپريل 2014ع کان مارچ 2015ع جي وچ ۾ جاري ٿيا ۽ شعيب شيخ کي مئي 2015ع ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته اهي چيڪ ڪوريئر ڪمپني سميت مختلف وينڊرز کي ڏنا ويا. ٻڌڻي دوران ايگزيڪٽ جي وڪيل ٻڌايو ته شعيب خلاف جي خلاف مني لانڊرنگ بابت ڪي به ثبوت ناهن، جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته ان باري ۾ شاهد محمد آصف ۽ محمد علي ميمڻ حوالا منڊي جي ذريعي پيسا موڪلڻ جو ذڪر ڪري رهيا آهن ۽ ايگزيڪٽ جي سي اي او پنهنجي نالي سان چيڪ جاري ڪيا، ان مرحلي ۾ اهو ڪيئن ٿو چئي سگهي ٿه ڪيس ۾ مني لانڊرنگ جا ثبوت ناهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *