اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ شريف خاندان جي شوگر مل جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ 3 رڪني بينچ شريف خاندان جي شوگر مل جي باري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. شريف خاندان جي وڪيل سلمان اڪرم راجه موجود نه هو. سپريم ڪورٽ عدم پيروي جي اتفاق شوگر مل جي اپيل رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شوگر ملين واپس منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ شريف خاندان عدالتي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي. جيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته ڪيس ۾ غطل بيان ڪئي وئي، پهريان چيو ويو ته هي شوگل ملون نه پر پاور پلانٽ آهن، مالڪن جو اصل مقصد شوگل لڳائڻ هو، غلط بياني تي توهين عدالت جي ڪارروئي ڪيون يا نه، ڏسون ٿا، چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي غير اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.