سپريم ڪورٽ حسين نواز جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو، جي آءِ ٽي کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت

اسلام آباد( بيورو ) سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس بابت جي آءِ ٽي تي حسين نواز جي اعتراضن کي رد ڪندي ڪارروائي جاري رکڻ جي هديت ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي پاناما ليڪس بابت عملدرآمد جي 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الحسن پڇاڻو ڪيو ته جي آءِ ٽي ڪنهن ڪنهن کي طلب ڪيو آهي؟ هن چيو ته ڇا شيخ حماد بن جاسم، ڪاش مسعود قاضي کي طلب ڪيو هو ۽ هو نه آيا؟  جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ جواب ڏيندي چيو ته شيخ حماد بن جاسم ۽ ڪاشف مسعود قاضي کي طلب ڪيو جيڪي پيش نه ٿيا. هن چيو ته ڪاشف مسعود جو چوڻ آهي ته کيس پاڪستان اچڻ ۾ سڪيورٽي مسئلا آهن. جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڪاشف مسعود کي خدشا آهن ته انتظام ڪيا وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن  قطري شهزادو پيش نه ٿيو ته سندس خط  جي حيثيت ختم ٿي ويندي. جسٽس شيخ عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇو ته نيشنل بئنڪ جي سعيد احمد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن، جنهن کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن ته هو سوال جواب ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي.  عدالت چيو ته جي آءِ ٽي ۾ نه ايندڙن جا پهريون ضمانت جوڳا پوءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن.عدالت پڇاڻو ڪيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر پيش ڇو نه ٿيو آهي؟ جيڪو نه ايندو تنهن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا. حسين نواز جي وڪيل خواجه حارث چيو ته حسين نواز سعودي عرب مان پهتو ته کيس پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو. هن چيو ته هو جاچ ۾ هر ممڪن سهڪار ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڪيس ۾ ويڊيو رڪارڊنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڇو ٿي رهي آهي، طارق شفيع کي 13 ڪلاڪ ويهاريو ويو. خواجه حارث چيو ته جي آءِ ٽي جا ميمبر اڻ ڌرين ٿا ڪم ڪن. عدالت جواب ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي کي 60 ڏينهن اندر ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي، توهان ڪميٽيءَ جي ميمبرن تي اعتراض ڪري رهيا آهيون. عدالت چيو ته ٽيم ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي ۽ موڪل به نه ڪري رهي آهي. عدالت نيشنل بئنڪ جي صدر کي سڀاڻي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي جي آءِ ٽي کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.  جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪميٽيءَ جي ڪنهن به ميمبر کي تبديل نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ آسمان تان فرشتا گهرائڻا پوندا. سندس چوڻ هو ته سڀني چيو هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪيو ويندو، ڪنهن پڪي شاهدي کانسواءِ جي آءِ ٽي جو ميمبر تبديل نه ٿيندو. جسٽس اعجاز افضل چيو ته ججن بابت ڇا چيو ويندو آهي ته سڀني کي خبر آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *