سپريم ڪورٽ جي 28 جولاءِ واري فيصلي سان اتفاق ناهي، احترام ڪريون ٿا: وزيراعظم

ڊيرا بگٽي( م ڊ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ماضيءَ جون ڪوتاهيون ختم ڪبيون ۽ ڪجهه سالن ۾ بلوچستان جا مسئلا مڪمل طور حل ڪيا ويندا، سپريم ڪورٽ جي 28 جولاءِ جي فيصلي سان اتفاق نه آهي پر احترام ڪريون ٿا، فيصلو قبول ڪري ملڪ کي ڏڦيڙ کان بچايو آهي. ڊيرا بگٽي ۾ ڪڇي ڪئنال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڏڦيڙ هجي ها ته ملڪي ترقيءَ جو سفر بيهي وڃا ها. هن چيو ته ڪڇي ڪئنال جي رٿا ڊيرا بگٽي جي عوام جي قسمت تبديل ڪري ڇڏيندي. سندس چوڻ هو ته ماضيءَ جي حڪومتن رڳو ڳالهيون ڪيون، مسلم ليگ ن حڪومت ڳالهيون نه پر ڪم ڪندي آهي، اها رڳو چوڻ جي ڳالهه ناهي. وزيراعظم چيو ته  هي منصوبو نواز شريف جو چوڻ هو ته هي رٿا نواز شريف جي آهي، اڄوڪي تقريب ۾ نواز شريف کي به هجڻ گهرجا ها، ڇاڪاڻ ته هي رٿا هن ئي مڪمل ڪئي آهي. هن چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن بلوچستان ملڪ جو امير ترين صوبو هوندو. سندس چوڻ هو ته چئن سالن دوران نواز شريف موٽروي جو ڄار وڇايو، ملڪ ۾ هاڻي گئس ۽ بجلي جي صورتحال بهتر آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڻي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ الڳ وزارت قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ پاڻي جي 200 ارب رپين جي رٿا تي ڪم ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ روڊن جي اڏاوت تي 455 ارب رپيه خرچ ڪيا ويندا، وفاق جي مدد سان بلوچستان ۾ 21 يونيورسٽيون قائم ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ جيڪڏهن ووٽ جا فيصلا درست نموني ڪيا ويا ته نتيجا به ملندا، اهو بلوچستان جي عوام تي آهي ته ڪنهن کي ٿو چونڊي. هن چيو ته ڊيرا بگٽي ۾ پاڻي ۽ گئس جو مسئلو مستقل طور حل ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *