اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ جو مقصد پاناما ليڪس جي معاملي تي روڊن تي اڇلائڻ هو، پر پاڪستاني عوام روڊن تي احتجاج کي رد ڪيو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاناما ليڪس جي حوالي سان اسان جو موقف واضح آهي ته ان ڪيس جو فيصلو ميرٽ هجڻ گهرجي، مون مسلسل ڪوششون ڪيون ۽ پاڻ سپريم ڪورٽ کي ڪميشن بڻائڻ درخواست ڪئي، پاناما ليڪس جي معاملي تي هڪ قانون به جوڙيو وڃي ۽ هڪ پارلياماني ڪاميٽي به جوڙي وڃي، پر پارلياماني ڪاميٽي بابت اسان جون ڪوششون ناڪام ويون، وزيراعظم چيو ته الله جو وڏو شڪر آهي جو هي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ اچي ويو آهي، تمام گهڻو پراميد آهيان ته سپريم ڪورٽ ۾ ان ڪيس جو فيصلو آئين ۽ قانون مطابق هوندو، اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف رياست جي رٽ قائم ڪرڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي ساراهيو، جڏهن ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اسلام آباد لاڪ ڊائون کي اثرائتي نموني منهن ڏنو، پوليس ۽ ايف سي جون ڪوششون به ساراهه جوڳيون آهن، ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جي رهنمائي ۾ پنهجو ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته پوليس ۽ ايف سي جوانن پنهنجو ذميواريون بهتر نموني نڀايون، وزيراعظم چيو ته تشڪر ڪرڻ ادا کي تمام گهڻو اڳ تشڪر ڪرڻ ادا ڪرڻ گهرجي ها، ڪجهه ڏينهن پهريان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ايشين بينڪ جو صدر پاڪستان آيوان پاڪستان جو معاشي ۽ اقتصادي ترقي جي تعريف ڪئي،