سپريم ڪورٽ جي جج اعجاز الحسن جي گهر تي فائرنگ، ثبوت گڏ ڪري سمورن رخن کان جاچ شروع

لاهور(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ بعد رينجرز پڻ ماڊل ٽائون پهچي وئي. ميڊيا جي رپورٽن موجب سپريم ڪورٽ جي جج اعجاز الاحسن جي گهر تي گذريل رات ۽ اڄ صبح اڻ ڄاتل ماڻهن طرفان فائرنگ ڪئي وئي هئي، واقعي جو اطلاع ملندي ئي چيف جسٽس ٽاقب نثار صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر پهتو ۽ آءِ جي پنجاب کي طلب ڪيو .ڊي آءِ جي آپريشنز ڊاڪٽر حيدر اشرف چيو آهي ته واقعي بعد پوليس جاءِ واردات تي پهچي چڪي آهي ۽ صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي.پوليس بعد رينجرز پڻ اعلي عدالت جي جج جي گهر تي حملي پهچي وئي ۽ صورتحال جو جائزو ورتو .

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *