سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
December 13, 2024 at 2:23 pmسپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن کي 85 جوابدارن خلاف فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت جو چوڻ آهي ته سزا يا آزادي جو قطعي فيصلو اپيلن تي فيصلن سان مشروط هوندو، جن جوابدارن کي رعايت ملي سگهي ٿي تن کي آزاد ڪيو وڃي، سزا جي حقدار جوابدارن کي سزا ڏئي جيلن ۾ منتقل ڪيو وڃي.
جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
جسٽس امين الدين چيو ته اڄ رڳو فوجي عدالتن والا ڪيس ئي ٻڌا ويندا.
ٻڌڻي جي شروعات تي وزارت دفاع جي وڪيل خواجا حارث روسٽرم تي اچي ويو ۽ هن دليل ڏنا.
جسٽس جمال مندوخيل وڪيل خواجا حارث کي چيو ته هن نڪتي تي دليل ڏيو ته آرمي ايڪٽ جا ڪالعدم قلم آئين موجب آهن، ڇا آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري هر ماڻهو کي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو؟، هن رخ کي به نظر ۾ رکو ته آرمي ايڪٽ 1973جي آئين کان پهريان ٺهيو هو.
جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته پهريان ٻڌايو عدالتي فيصلي ۾ قلم ڪالعدم ڪرڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟، وزارت دفاع جي وڪيل خواجا حارث چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ خرابيون آهن.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته عدالتي فيصلي کي ايترو بي عزتو نه ڪريو ته ان کي خراب چئو، وڪيل خواجا حارث چيو ته معذرت ڪريان ٿو سندس لفظ قانوني نوعيت جا نه هئا.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڪالهه به چيو هو ته 9 مئي واقعن جا تفصيل فراهم ڪريو، في الحال سندن سامهون معاملو رڳو ڪور ڪمانڊر هائوس جو آهي، جيڪڏهن ڪيس رڳو ڪور ڪمانڊر هائوس تائين ئي رکڻو آهي ته به آگاهه ڪريو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سمورا تفصيل اڄ صبح ئي مليا آهن، تفصيل متفرق درخواست جي صورت ۾ جمع ڪرائيندا.
آئيني بينچ جي جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو جن قلمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي انهن تحت ٿيل ٽرائل جو ڇا ٿيندو؟، 9 مئي کان اڳ به ڪنهن کي هنن قلمن تحت سزا ٿي هوندي.
وزارت دفاع جي وڪيل جواب ڏنو ته عمومي طور ڪالعدم ٿيڻ کان اڳ لاڳاپيل قلمن تي ٿين فيصلن کي تحفظ هوندو آهي.
جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏيندي چيو ته اها ته انهن جوابدارن سان تعصب ڪرڻ واري ڳالهه ٿيندي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پاڪ فوج ۾ ڪو شخص زبردستي نه مرضي سان ويندو آهي، فوج ۾ شامل ٿيندڙ کي خبر هوندي آهي ته مٿس آرمي ايڪٽ لاڳو ٿيندو ۽ آرمي ايڪٽ تحت بنيادي حق مهيا ناهن ٿيندا، آرمي ايڪٽ ٺهيو ئي فوج جي ملازمت جي قائدن ۽ ڊسپلين لاءِ آهي.
وڪيل خواجا حارث چيو ته فوج ۾ ڪوبه ڏوهه جي نيت سان ناهي ويندو، بنيادي حق ڏوهه ڪرڻ تي ئي ختم ٿيندا آهن.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا اپيل ۾ سپريم ڪورٽ رڳو اپيل ڪندڙ جي درخواست تائين محدود رهندي؟، عدالت فيصلي جي ٻين رخن جو به جائزو وٺي سگهي ٿي؟.
جسٽس امين الدين رمارڪس ڏيندي چيو ته ڌريون پنهنجي نڪتن تائين محدود رهي سگهن ٿيون، پر عدالت نه.
ٻڌڻي جي پڄاڻي تي آئيني بينچ اڄوڪي ٻڌڻي جو آرڊر جاري ڪندي فوجي عدالتن کي جوابدارن خلاف فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عدالت جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن جا فيصلا، سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي فيصلي سان مشروط هوندا، جن جوابدارن کي رعايت ملي سگهي ٿي تن کي آزاد ڪيو وڃي، سزا جي حقدار جوابدارن کي سزا ڏئي جيلن ۾ منتقل ڪيو وڃي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي سياري جي موڪلن بعد تائين ملتوي ڪري ڇڏي.