سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ طرفان ماحولياتي آلودگي بابت قدمن تي سمورن صوبن کان رپورٽ طلب

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن بابت صوبن کان تفصيلي رپوٽ طلب ڪري ورتي ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل جي اپيل تي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ڪيسن بابت ٻڌڻي ۾ سڀ کان پهرين ماحولياتي گدلاڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ماحولياتي گدلاڻ رڳو اسلام آباد نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، گاڏين جو دونهون ماحولياتي گدلاڻ جو وڏو سبب آهي، ڇا دونهين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ماحوليات بابت سمورن معاملن کي ڏسندا، انوائرمينٽ پروٽيڪشن اٿارٽي پنهنجو ڪردار ادا ڇو نه ڪري رهي آهي؟، 1993ع کان معاملو هلي رهيو آهي، هاڻي هن معاملي کي ختم ڪرڻو پوندو.

جسٽس نعيم اختر چيو ته هائوسنگ سوسائتيز سبب زرعي زمين ختم ٿي رهي آهي، هارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، قدرت زرخير زمين ڏني آهي پر سڀ زمين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اوهان ايندڙ نسلن لاءِ ڇا ڪري وڃي رهيا آهيو.

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سڄو ملڪ ماحوليات جي سنجيده مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي، پيٽرول ۾ ڪجهه اهڙو ملايو ويندو آهي جيڪو گدلاڻ جو سبب بڻجي ٿو.

آئيني بينچ ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن بابت صوبن کان تفصيلي رپوٽ طلب ڪري ورتي ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل جي اپيل تي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *