سپريم ڪورٽ جو پرويز مشرف جو پاسپورٽ بحال ڪرڻ، ٽرائيل لاءِ ٻن ڏينهن ۾ خاص عدالت قائم ڪرڻ جو حڪم

لاهور (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پرويز مشرف جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بهال ڪرڻ ۽ ٽرائيل لاءِ ٻن ڏينهن ۾ خصوصي عدالت قائم ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو گذريل ڏينهن ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ پرويز مشرف جي سڄي ڄمار لاءِ نااهلي جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٿي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پرويز مشرف وطن واپس ڇو نه پيو اچي جنهن تي چيئرمين نادره عثمان مبين عدالت کي ٻڌايو ته پرويز مشرف جي واپسي سندس سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جي بلاڪ ٿي وڃڻ جي ڪري ممڪن نه آهي جنهن تي سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي ٽرائيل لاءِ ٻن ڏينهن ۾ ٽربيونل قائم ڪرڻ ۽ ان جي وطن واپسي کي يقيني بنائڻ لاءِ سندس سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان پرويز مشرف کي واپسي لاءِ تحفظ ڏنو هو، ڪارڊ بلاڪ ڪري پرويز مشرف جي واپسي ۾ ڇو عذر پيدا ڪيو پيو وڃي ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پرويز مشرف واپس اچي ۽ پنهنجن ڪيسن کي منهن ڏي کيس ايئرپورٽ کان عدالت تائين گرفتار نه ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *