اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ سمٽ بينڪ، سنڌ بينڪ ۽ يو بي ايل جي سربراهن ۽ جعلي اڪائونٽس مان فائدو وٺندڙ ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جعلي بينڪ اڪائونٽ ۽ ان سان ٿيندڙ مني لانڊرنگ جي جاچ لاءِ پاناما ڪيس نموني جي آءِ ٽي جوڙي وڃي جنهن ۾ مالياتي ماهر شامل هجن، آچر تي سپريم ڪورٽ ۾ جعلي اڪائونٽ مان رقم منتقل ٿيڻ جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 ميمبرن واري بينچ ٻڌڻي ڪئي، سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي جي ڊي جي بشير ميمڻ کي رڪارڊ سميت ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو، ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته چيف جسٽس ڊي جي ايف آءِ اي کان پڇاڻُو ڪيو ته جاچ موجب ڪيترن ارب رپين جو معاملو آهي جنهن تي ايف آءِ اي جي ڊي جي ٻڌايو ته 2010 ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ جي بنياد تي انڪوائري شروع ڪئي وئي ۽ شروع ۾ چئني اڪائونٽن جي نشاندهي ڪئي وئي جڏهن ته هاڻ انهن اڪائونٽن جو انگ 29 ٿي ويو آهي، ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته انهن ۾ 16 سمٽ بينڪ، 8 سلڪ بينڪ ۽ 5 يو بي ايل جا اڪائونٽ هئا، جڏهن ته اهي اڪائونٽ 7 ماڻهن سان تعلق رکندڙ هئا ۽ انهن اڪائونٽ مان 35 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي وئي، هن ٻڌايو ته منهنجي حڪمن تي سمٽ بينڪ کي سنڌ بينڪ ۾ ضم ٿيڻ کي روڪيو ويو، ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 29 اڪائونٽ هولڊرز جا نالا ٻڌايو، جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي ٻڌايو ته طارق سلطان جي نالي تي 5 اڪائونٽ، ارم عقيل جا 2 اڪائونٽ، محمد اشرف جي نالي تي هڪ ذاتي ۽ 4 لاجسٽڪ ٽيڊر اڪائونٽ آهن، محمد عمير جي نالي تي هڪ ذاتي ۽ 6 حميرا اسپورٽس جي نالي تي آهن، بشير ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته محمد حمير ٻاهرين ملڪ رهي ٿو، عدنان جاويد جا 3 اڪائونٽ لڪي انٽرنيشنل جي نالي تي آهن ، قاسم علي جي 3 اڪائونٽ رائل انٽرنيشنل جي نالي تي آهن، ڊي جي ٻڌايو ته محمد اشرف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ان جي درخواست هتي گهرائي وٺون ٿا، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 35 ارب رپين جو فراڊ آهي توهان انهن کي گهرايو نه آهي جنهن تي ڊي جي ٻڌايو ته اسان انهن سمورن ماڻهن کي گهرائي رهيا آهيون، ان موقعي تي جسٽس اعجاز الحسن ريمارڪس ڏنا ته رڳو سمن جاري ڪرڻ ڪافي نه آهي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين جاچ موجب انهن جي پويان ڪير آهي، ڊي جي ايف آءِ اي ٻڌايو ته اسان سڀني کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، هڪ ڪيس داخل ڪرايو آهي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪيترن ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ڪندا، ڪهڙن ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ پسند ڪندا، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جن ماڻهن سان توهان وڙهڻ چاهيو ٿا اهي توهان جي ڪنٽرول ۾ نه ايندا، سپريم ڪورٽ جي مدد جي ضرورت پوندي، وائيٽ ڪالر ڪرائيم کي پڪڙي ورتو ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا، هن ريمارڪس ڏنا ته سمٽ، سنڌ ۽ يو بي ايل جي سربراهن کي گهرائي وٺون جيڪڏهن اهي رڪارڊ فراهم نٿا ڪن ته ڏسي وٺنداسين، ڇا نيب ۽ ايف آءِ اي جي جوائنٽ ٽيم نٿي بڻجي سگهي؟ پاناما جيان جي آءِ ٽي ٺاهيو، جنهن ۾ ماليات جا ماهر هجن، سپريم ڪورٽ چيو ته اسان کي تعاون نه ڪندڙن جا نالا ٻڌايو، سمٽ بينڪ جي صدر تي ايف آءِ آر داخل ٿي، هن ريمارڪس ڏنا ته بينڪ جو صدر گرفتار ٿي وڃي ته ان کان رڪارڊ سولائي سان ملندو، ذميوار ماڻهو بيماري جو بهانو ڪري ٻاهرين ملڪ هليا ويندا، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايف آءِ اي جاچ ڪري پيسو ڪٿان آيو، سورس ڇا آهي، 35 ارب رپين جا بينيفشريز ڪير آهن، ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته حسين لوائي ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن جو تعلق سمٽ بينڪ سان آهي، ناصر عبدالله جي اڪائونٽ ۾ 24 لک 90 هزار رپيا منتقل ٿيا، ذريعن موجب هن چيو ته 7 ڪروڙ رپيا انصاري شگر ملز ڏانهن ويا، اومني کي 50 لک، پاڪ ايٿانول کي ڏيڍ ڪروڙ، چمبڙ شگر 20 ڪروڙ، ايگرو فارم کي 57 لک ويا، ان کانسواءِ زرداري گروپ پرائيويٽ لميٽيڊ کي ڏيڍ ڪروڙ رپيا ويا، 35 ارب رپيا سمٽ بينڪ مان ڪڍيا ويا، سپريم ڪورٽ سمورن لاڳاپيل بينڪس جي سربراهن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، سمٽ بينڪ، سنڌ ۽ يو بي اي جي سي اوز ۽ سربراهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جا حڪم ڏيندي چيو ته جيستائين انڪوائري هلي رهي آهي ته اهي ٻاهرين ملڪ نٿا وڃن سگهن، عدالت گهرو وزارت کي حڪم ڏنو ته اڪائونٽ هولڊر ۽ اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن، عدالت اسٽيٽ بينڪ جي سينيئر آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪندي هدايت ڪئي ته ايف آءِ اي کي لاڳاپيل رڪارڊ حوالي ڪيو وڃي، ان کانسواءِ عدالت سمٽ بينڪ جي اسٽيٽ بينڪ ۾ موجود 7 ارب رپين جي ضمانت جي رقم کي منجمند ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جاچ نٿي ڪري سگهي ٿي، پر جاچ ايجنسي سان تعاون ڪري سگهي ٿي، عدالت آءِ جي سنڌ کي گرفتار حسين لوائي سميت سمورن ماڻهن کي حاضري تي ايندڙ ٻڌڻي تي آڻڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.