اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي اصغر خان ڪيس بابت عدالتي فيصلص تي عملدرآمد جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ اصغر خان ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد بابت ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي اٽارني جنرل ۽ ڊي جي ايف آءِ اي پيش ٿيو. چيف جسٽس چيو ته عدالت اصغر خان ڪيس ۾ فيصلو ڏئي چڪي آهي، نظرثاني جون درخواستون خارج ڪيون ويون آهن ۽ هاڻ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ٿيڻو آهي. چيف جسٽس پچاڻو ڪيو ته ڇا اهو معاملو ايف آءِ اي ۾ وڃڻو آهي يا نيب ۾، وفاقي حڪومت اڄ تائين فيصلي کان پوءِ ڪو به ايڪشن ناهي ورتو، رڳو ايف آءِ اي جاچ ڪئي پر هڪ جاءِ تي اها جاچ بيهي وئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالتي فيصلن تي باقاعده عمل ٿيڻ گهرجي، اِها خبر ناهي ته آرٽيڪل 6 جو ڪيس بڻجي ٿو يا نه. ان موقعي تي اٽارني جنرل چيو ته فوجداري ٽرائل ايف آءِ اي جي جاچ کان پوءِ ٿيندو جڏهن ته اصغر خان مرحوم طرفان پيش ٿيل وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اسد دراني ۽ اسلم بيگ جي خلاف ايڪشن ۽ ٻين جي خلاف جاچ ٿيندي. سلمان اڪرم راجا چيو ته آرمي ايڪٽ ۾ اڳوڻي فوجي جي خلاف ڪارروائي جي شق نه ٿئي ته بندوبست جي تحت ڪارروائي ٿيندي آهي. چيف جسٽس چيو ته پرويز مشرف جي خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي جو فيصلو حڪومت ڪيو، اسان اصغر خان ڪيس عملدرآمد جو معاملو حڪومت تي ڇڏيون ٿا، وفاقي حڪومت ۽ ايف آءِ اي اصغر خان ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ قانون جي موجب ڪارروائي ڪري. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته وفاقي حڪومت ئي جاچ ڪري ته جن فوجي آفيسرن جا نالا ڪيس ۾ آهن انهن جي خلاف ڪارروائي ڪير ڪندو. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته حڪومت ڪارروائي جي لاءِ فورم جو فيصلو هڪ هفتي ۾ ڪندي. جيڪڏهن ڪابينا جو خاص اجلاس ئي گهرائڻو پوي ته گهرايو. ان موقعي تي اٽارني جنرل ٻن هفتن جي التوا جي اپيل ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته حڪومت وٽن ٽي هفتا آهن، وڌيڪ وقت نٿا ڏئي سگهون.