اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ حشمت ميڊيڪل ڪاليج جلالپور جٽان کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ايف آءِ اي کي حشمت ميڊيڪل ڪاليج جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ شاگردن کان وڌيڪ فيسن جي وصولي جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻارن کي پرچا ڏيڻ ڏيو، انهن جي مستقبل جو مسئلو آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪاليج 4 ڪروڙ 81 لک فيس وصول ڪئي پر رسيد نه ڏني، پرائمري اسڪول جي حالت ان کان بهتر هوندي آهي. چيف جسٽس پاڪستان حشمت ميڊيڪل ڪاليج جلال پور جٽان کي بند ۽ ايف آءِ اي کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.