سپريم ڪورٽ جو ايم ڊي واٽر بورڊ ڪراچيءَ کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ايم ڊي واٽر بورڊ ڪراچيءَ مصباح الدين فريد کي فوري طور عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهريءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ منڇر ڍنڍ ۽ پاڻيءَ ۾ آلودگي بابت پاڻ مرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻيءَ دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪميشن پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آر او پلانٽ لڳائڻ ۾ اربين رپين جو فراڊ ڪيو ويو، سڄي صوبي ۾ 7 سئو کان وڌيڪ پلانٽ لڳايا ويا ۽ پلانٽ هڻڻ کان پوءِ انهن جي معيار ۽ ڪارڪردگيءَ جو تجزيو ڪرڻ کان سواءِ اربين رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون. لاڙڪاڻي جي 70 لک آبادي آهي، رائيس ڪينال ۾ 18 هنڌن تان گندو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو آهي جڏهن ته گندو پاڻي لاڙڪاڻي کان جوهي تائين پوکي هاري ۽ پيئڻ جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي، لاڙڪاڻي جو 88 سيڪڙو جڏهن ته شڪارپور جو 79 سيڪڙو جَر جو پاڻي پيئڻ لائق نه آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪوٽريءَ ۾ لڳايل ٽريٽمينٽ پلانٽ بند ٿي چڪو آهي، ڪوٽڙيءَ جو گندو پاڻي ڪي بي فيڊر ۾ ڇوڙ ٿيندو آهي ۽ اهو ئي پاڻي ڪراچيءَ واسين کي ڏنو ويندو آهي، ٺٽي ۾ به سيوريج نظام ۽ ٽريٽمينٽ پلانٽ موجود ناهن جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ 84 هنڌن تان پاڻيءَ جا نمونا حاصل ڪيا ويا جن مان 80 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي قابل نه آهي، پاڻيءَ ۾ موجود بيڪٽيريا ۽ ڊي ايس جي ڪري پيٽ جا مرض ڦهلجي رهيا آهن، ان کان سواءِ شهر جو گندو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان آبي حيات، مينگرو ۽ ٻين کي خطرو آهي. ناڪارا آر او پلانٽ لڳائڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اطهار ڪيو ۽ چيف سيڪريٽريءَ کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته آر او پلانٽن جي سار سنڀال ڪنهن جي ذميواري هئي، آر او پلانٽ لڳائڻ ڪنهن جو ڪم آهي ڪري ڪو ٻيو رهيو آهي، اربين رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون ان ڪري هاڻي ان ظلم جي سزا ڪنهن کي ڏيڻ گھرجي، جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته هڪ ماڻهوءَ جي زندگي بچائڻ جي لاءِ سئو ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين، جيڪڏهن هڪ شخص جي زندگيءَ بچائڻ جي لاءِ اسان کي ڪنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻي پئي ته ضرور ڪنداسين. سپريم ڪورٽ ايم ڊي واٽر بورڊ مصباح الدين فريد کي فوري طور عهدي تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ چيف سيڪريٽريءَ کي حڪ م ڏيندي چيو ته  ايم ڊي واٽر بورڊ ڪيڊر پوسٽ آهي ان جي لاءِ ان عهدي تي ڪيڊر آفيسر ئي مقرر ڪيو وڃي، ٻڌڻيءَ دوران ايڊووڪيٽ جنرل طرفان مهلت گھري وئي جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هڪ شرط تي وڌيڪ وقت ڏينداسين ته سڀ سيڪريٽري نلڪن جو پاڻي پيئن.36

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Scroll to Top