اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو ريفرنس ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي.جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جا دليل مڪلم ٿيڻ کان پوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ بعد ۾ هڪ وقفي کان پوءِ فل ڪورٽ جي سربراهه جسٽس عمر عطا بنديال مختصر فيصلو ٻڌائيندي جسٽس فائز عيسيٰ جي خلاف صدارتي ريفرنس ڪالعدم قرار ڏئي ڏنو جڏهن ته عدالت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي جاري شوڪاز نوٽيس به ڪالعدم قرار ڏنا. ڪيس جو تفصيل بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.عدالت پنهنجي مختصر فيصلي ۾ چيو آهي ته 10 ججن مان 7 ججن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري جا ٽيڪس معاملا ايف بي آر ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي، فيصلي موجب ايف بي آر گهرواري کي 7 ڏينهن جي اندر نوٽيس جاري ڪري، ايف بي آر جو نوٽيس جج جي سرڪاري گهر تي موڪليو وڃي، هر پراپرٽي جو الڳ نوٽيس جاري ڪيو وڃي، ايف بي آر اختيارين فيصلو ڪري سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي آگاهه ڪري، ايف بي آر جي چيئرمين پاڻ رپورٽ تي صحيح ڪري رجسٽرار کي جمع ڪرائيندا، ايف بي آر اختيارين معاملي تي التوا به نه ڏين، جيڪڏهن قانون جي موجب ڪارروائي بڻجي ٿي ته جوڊيش: ڪونسل ڪارروائي جي مجاز هوندي.ان کان اڳ ٻڌڻي دوران جسٽس فائز عيسيٰ جي وڪيل منير اي ملڪ، سپريم ڪورٽ بار جي وڪيل حامد خان، ڪي پي ڪي بر ڪونسل جي وڪيل افتخار گيلاني ۽ سنڌ بار ڪونسل جي وڪيل رضا رباني پنهنجا دليل مڪمل ڪيا جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مني ٽريل بابت دستاويز جمع ڪرائن ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري زرعي زمين ۽ پاسپورٽ جي نقل فراهم ڪري.