سپريم ڪورٽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ پاران استادن جي ٽريڊ يونين تي صوبائي حڪومت جون پابنديون برقرار رکڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

February 6, 2017 at 11:39 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ  پاران استادن جي ٽريڊ يونين تي صوبائي حڪومت جون پابنديون برقرار رکڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي سرگرميون بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته استادن جون بند ڪيل پگهارون 15 ڏينهن ۾ بحال ڪيون وڃن.جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ بلوچستان  گورنمينٽ ٽيچرز ايسوسئيشن جي صدر پاران ٽريڊ يونين تي پابنديون برقرار رکڻ واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت اپيل جي تفصيلي ٻڌڻي بعد بلوچستان ۾ استادن جي ٽرين يونين تي صوبائي حڪومت جون پابنديون برقرار رکڻ واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت فيصلي ۾ استادن جون بند ڪيل پگهارون 15 ڏينهن ۾ بحال ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. عدالت ۾ اپيل جي ٻڌڻي دوران بلوچستان جو چيف سيڪريٽري پيش ٿيو، عدالت رمارڪس ۾ چيف سيڪريٽري کي چيو ته اوهان قانون تي عمل بدران ان کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري پاران استادن جي 50 سيڪڙو ڪوٽا تي عمل کي يقيني بنائڻ واري خاطري بعد عدالت اپيل  اڪلائي ڇڏي.

اي پيپر