سپريم ڪورٽ ايم ڊي اي کي سمورن ملازمن کي ٻن هفتن ۾ 17 مهينن جي رهيل پگھار ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

November 29, 2017 at 2:57 am

ڪراچي (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ايم ڊي اي جي سمورن ملازمن کي ٻن هفتن ۾ سترهن مهينن جي رهيل پگھار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي اڱاري تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ايم ڊي اي مان 98 ملازمن جي ڪي ڊي اي ۾ واپسي بابت ٻڌڻي ٿي، عدالت ايم ڊي اي کي سمورن ملازمن کي ٻن هفتن ۾ سترهن مهينن جي رهيل پگھار ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، ڊي جي ڪي ڊي اي ۽ ڊي جي ايم ڊي اي سان مشاورت ڪري ملازمن جي جوائننگ جو مسئلو حل ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس گلزار احمد چيو ته ملازمن کي 18 مهينن کان پگھار ناهي ملي هي ڪهڙو انصاف آهي، عدالت ڊي جي ڪي ڊي اي کي چيو ته جيڪڏهن پگھار نه ڏيندا ته توهان جي پگھار بند ڪري ڇڏينداسي، جنهن تي ڊِ ي جي ڪي ڊي اي چيو ته اسان ملازمن کي زم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون اسان وٽ انهن جون آساميون ۽ بجيٽ برقرار آهي، عدالت ايم ڊي اي جي ملازمن جي پگھآر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻِي اڪلائي ڇڏي.

اي پيپر