اسلام آباد( بيورو ) سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي پنجاب حڪومت کي اورنج لائن ٽرين رٿا لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ لاهور اورنج لائن ٽرين رٿا بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف پنجاب حڪومت جي اپيلن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ هلندڙ سال اپريل مهيني جي وچ ۾ ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو. سپريم ڪورٽ هڪ ڏهائي 6 ارب ڊالر جي ماليت جي اورنچ لائن رٿا تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي پنجاب حڪومت جي درخواست منظور ڪري ورتي. سپريم ڪورٽ جي پنجن مان چئن ججن حق ۾ جڏهن ته هڪ جج مخالفت ۾ فيصلو ڏنو ۽ جسٽس مقبول باقر اختلافي نوٽ لکيو. عدالت منصوبي ۾ وڌيڪ شفافيت لاءِ 31 شرطن سان پنجاب حڪومت کي رٿا جاري رکڻ جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته رٿا ۾ ڪو به غير قانوني عمل نه ڏٺو آهي، رٿا مڪمل ڪرڻ دوران تاريخي ورثي جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي.