سپريم جوڊيشل ڪونسل هاڻ تمام گهڻو سرگرم آهي، احتساب وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪونسل هاڻ تمام گهڻو ايڪٽو آهي ۽ احتساب جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. هاءِ ڪورٽن جي ذيلي عدالتن بابت سپروائزري ڪردار جي باري ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته هاڻ سڀني ججن جو احتساب ٿيندو، ماڻهو رڙيون ڪري ڪري مري رهيا آهن ۽ انصاف ناهي ملي رهيو. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته سپريم ڪورٽ جي بئنچ نمبر هڪ ست هزار ڪيس اڪلايا، ججن کان پڇون ٿا ته چون ٿا 20 ڪيس اڪلايا آهن. جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته گهٽ ڪيسن جا فيصلا ڪندڙ ججن خلاف به آرٽيڪل 209 تحت ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ ججن کي موڪل واري ڏينهن پگهار نه ملندي. چيف جسٽس چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي سپروائزري ذميواري ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي،  پر ڪنهن ڪا ڳڻتي ناهي، هاءِ ڪورٽن جون نگران ڪميٽين جو ڌيان انهن معاملن ڏانهن ڇو نٿو وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هر جج کي گاڏي کپي، بنگلو گهرجي، مالي کپي، مراعات گهرجي، ڇا هاءِ ڪورٽ جي نگران ڪميٽين جي ججن کي چيمبر ۾ سڏائي ڪاڪردگي بابت پڇاڻو ڪريان. چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن چئون هاءِ ڪورٽ جي سپروائزري ڪردار مان مطمئن ناهيون ته ان تي توهان ڇا چوندا، جنهن تي هن جواب ڏيندي چيو ته توهان جي حڪم جو پورائو ڪنداسين. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪونسل جي سفارش تي گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج شوڪت عزيز صديقي کي عهدي تان هٽايو ويو هو. شوڪت عزيز صديقي هلندڙ سال 21 جولائي تي راولپنڊي بار ۾ خطاب دوران حساس ادارن تي عدالتي ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ جو الزام لاڳو ڪيو هو، سندس ان بيان تي سپريم جوڊيشل ڪونسل پاڻمرادو ڪاروائي ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *