سپريم جوڊيشل ڪونسل جو فيصلو، آرٽيڪل 3/ 184 تحت چئلينج ڪري سگهجي ٿو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي پاران جوڊيشل ڪونسل جو فيصلو چئلينج ڪرڻ جي معاملي تي 25 مارچ جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته سپريم جوڊيشل ڪونسل جو فيصلو آرٽيڪل 3/184 تحت چئلينج ڪري سگهجي ٿو، رجسٽرار آفيس درخواست تي نمبر لڳائي قانون موجب مقرر ڪري، حڪم نامي موجب سپريم ڪورٽ چيو ته سپريم ڪورٽ هڪ فيصلي ۾ چئي چڪي آهي ته سپريم جوڊيشل ڪونسل ڪا عدالت نه آهي، حڪم نامي ۾ چيو ويو ته رجسٽرار آفيس درخواست تي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي هئي، سپريم ڪورٽ چيو ته رجسٽرار آفيس جا اعتراض ٽينيڪل آهن، حڪم نامي موجب اپيل تي رجسٽرار آفيس جي اعتراضن کي رد ڪيو وڃي ٿو، حڪم نامي موجب سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جي اپيل کي شروعاتي طور تي ٻڌڻي منظور ڪيو وڃي ٿو، ياد رهي ته جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 5 ميمبرن واري لارجر بينچ ٻڌڻي ڪئي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *