’سِرجي تان سور…‘

March 11, 2017 at 1:26 am

نسرين الطاف قريشي
سِرجي تان سور، سامايس ته سک ويا
اهي ٻئي پور مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
مارچ 8 فيبروري تي سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. اچو ته پهريائين ٿورو تاريخ تي نظر وجهون ته اهو ڏهاڙو ڪڏهن کان ۽ ڪهڙن سببن جي ڪري ملهائڻ جو بنياد وڌو ويو. 1908ع ۾ جڏهن عورتن محسوس ڪيو ته انهن سان انهن جي حقن ڏيڻ ۾ ٻه اکيائي ٿي رهي آهي، انهن جي بنيادي حقن کي سلب ڪيو پيو وڃي ته آمريڪا جي گاديءَ جي هنڌ نيويارڪ ۾ 1500 عورتون پنهنجن انهن مطالبن سان گڏ روڊن تي نڪتيون ته انهن کي انهن جي ڪم يا مزدوريءَ جو معاوضو گهٽ ڏنو ٿو وڃي، انهن جي ڪم جو وقت يا دورانيو گهٽ ڪيو وڃي ۽ انهن کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي، انهن مطالبو ڪندڙ ۽ پنهنجا حق گهرندڙ عورتن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ، خاموش ڪرائڻ لاءِ رياست پاران نه رڳو انهن تي سخت تشدد ڪيو ويو پر انهن کي جيلن ۾ پڻ بند ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ عورتن جي تحريڪ تحرڪ ۾ آئي ۽ انهن جي همت، جرئت ۽ ثابت قدميءَ ڪري رياست کي انهن جا مطالبا مڃڻا پيا. 1909ع ۾ آمريڪا جي سوشلسٽ پارٽيءَ عورتن جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قراراداد منظور ڪئي. انهيءَ سال 8 فيبروريءَ تي آمريڪا ۾ عورتن جو ڏينهن ملهايو ويو. 1913ع تائين هر سال فيبروريءَ جي آخري آچر تي اهو ڏينهن باقاعدگيءَ سان ملهائجڻ لڳو. 1910ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ نوڪري ڪندڙ عورتن جي ٻي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ جرمنيءَ جي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ڪلارز ٽيڪن عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن کي ڪانفرنس ۾ موجود 17 ملڪن جي ميمبرن گڏيل راءِ سان منظور ڪيو. 1911ع ۾ 19 مارچ تي عورتن جو ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ آسٽريليا، ڊينمارڪ، جرمني ۽ سوئيٽزرلينڊ ۾ 10 لکن کان مٿي عورتن ۽ مردن، ڪم جو وقت گهٽائڻ، ووٽ جو حق، تربيت ۽ سرڪاري عهدن تي عورتن جي تقرريءَ ۽ سندن حقن کي نه مڃڻ واري مفروضي کي رد ڪندي جلوس ڪڍيا. انهيءَ سال ئي 25 مارچ تي نيويارڪ ۾ باهه لڳڻ جو واقعو ٿيو. جنهن کي اڄ تائين Try Engle fair جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. انهيءَ لڳندڙ باهه ۾ هڪ سئو چاليهه عورتون سڙي مري ويون، جيڪي مزدوري ڪندڙ هيون جنهن کانپوءِ نه رڳو آمريڪا ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جون خراب حالتون دنيا سامهون آيون پر انهن سڀني خراب حالتن کي ختم ڪرڻ ۽ ان تي قانون سازي ڪرڻ جو بار به آمريڪا جي مٿان پيو. جڏهن 1913ع ۾ روس ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ته ان سال 8 مارچ جو ڏينهن عورتن جي عالمي ڏينهن لاءِ مخصوص ڪيو ويو. ان کانپوءِ هر سال 8 مارچ تي ئي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائجڻ لڳو. جڏهن ته گڏيل قومن پاران عورتن جو عالمي ڏينهن انهن جي سماجي، سياسي، تعليمي، اقتصادي، شعبن ۾ عورتن جي حقن ڏانهن ڌيان ڏيارڻ لاءِ اهو ڏينهن باقاعدگيءَ سان ملهايو وڃي ٿو.
هاڻي سوال ذهن ۾ اهو ٿو اڀري ته ڇا عورتن جا عالمي ڏهاڙا ملهائڻ سان ان کي درپيش مسئلا حل ٿين ٿا يا سياسي، اقتصادي، سماجي، معاشرتي، تعليمي مسئلا حل ٿي ان کي اهي حق ملن ٿا، جيڪي هوءَ لهڻي ٿي. ڇا رياست انهن جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪي قدم کڻي ٿي؟ ڇا ان جي حالتن کي سڌارڻ لاءِ ان تائين رسائي حاصل ڪئي وڃي ٿي؟ ڇا جيڪا عورتن لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي ٿي، اسيمبلين جي فلور تي جيڪي بل ٺهن ۽ پاس ٿين ٿا، ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي ٿو؟ انهن سوالن تي ضرور سوچجي. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ته وري به عورت جدوجهد ڪري پنهنجا حق حاصل ڪيا آهن پر پاڪستان ۾ حالتون اڄ به عورت لاءِ ڏاڍيون ڏکيون آهن. اسان جي معاشري ۾ عورت جو استحصال وڌيڪ ٿي رهيو آهي. عورت کي اسان جي معاشري ۾ گهٽ درجو ۽ جاءِ ڏني وڃي ٿي. افسوس اسان وٽ عورت ۽ مرد ۾ فرق رکيو وڃي ٿو ۽ اهو فرق گهر کان شروع ٿئي ٿو. گهر ۾ پٽ ۽ ڌيءَ جو فرق رکيو وڃي ٿو ۽ اتان ئي عورت جو اعتماد گهٽجڻ لڳي ٿو ۽ احساسِ ڪمتريءَ جي شروعات ٿئي ٿي. انسان وڃي چنڊ تي پهتو آهي ۽ اسان جي آباديءَ جو اڌ حصو عورت اڄ به ڏاڍ جي جنڊ ۾ پيسجي پئي، ان کي پنهنجي بنيادي حقن جي ڄاڻ کان وانجهيل رکيو ٿو وڃي ته ڪٿي ان ۾ شعور نه اچي وڃي ۽ هوءَ پنهنجا حق نه گهري وٺي. اسان جو معاشرو اڄ به پراڻين ريتن رسمن کي پنهنجي مٿان حاوي ڪري عورت جي رستا روڪ ڪري رهيو آهي.
تعليم جيڪا هر مرد توڙي عورت جو بنيادي حق آهي. تعليم انسان کي شعور، سوچ ۽ سمجهه ڏئي ٿي افسوس جو اسان جي عورت کي تعليم جهڙي زيور کان پري رکيو وڃي ٿو. اسان جي آباديءَ جو 75 سيڪڙو حصو ڳوٺن ۾ رهي ٿو، اتي مردن جي تعليم کي ئي ضروري نٿو سمجهيو وڃي ۽ عورت جي تعليم ته ناممڪن آهي. 2015ع تائين اسان انهن خيالن جو اظهار ڪيو ته ڇوڪرين جي تعليم جو ريشو 100 سيڪڙو تي پهچائينداسين پر افسوس جو اسان 2017ع تائين آباديءَ جي اڌ حصي جي تعليم ۾ 50 سيڪڙو اڳڀرائي به نه ڪري سگهيا آهيون. اسان وٽ اسڪولن ۾ ننڍن ڪلاسن ۾ ڇوڪرين جي داخلا ڪجهه بهتر ٿئي ٿي پر جيئن جيئن مٿين ڪلاسن ڏانهن ڇوڪريون وڌن ٿيون ته انهن جو تعداد گهٽجي ٿو، ڇو ته ڇوڪريءَ ٿوري وڏي ٿئي ٿي ته ان جا مائٽ ان کي اسڪول ڇڏرائي گهر ويهاري ٿا ڇڏين يا وري ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي پنهنجو بار هلڪو ٿا ڪن ڇو ته انهن جي نظر ۾ ڇوڪري ته آهي ئي پرائو ڌڻ، ان کي تعليم ڏئي يا پڙهائي ڇا ڪنداسين. افسوس ته اسان وٽ اڄ به ننڍي عمر جون شاديون ٿين پيون، حالانڪه اسان Early child marriage جو بل به پاس ڪيو آهي پر اڄ به ڳوٺن ۾ ڇوڪرين کي وڏي عمر جي مرد سان پرڻايو ٿو وڃي. ننڍي عمر ۾ پرڻيل ڇوڪريون جلدي ٻار پيدا ڪرڻ ڪري وقت کان اڳ ئي ڪيترين بيمارين جو شڪار ٿي گذاري ٿيون وڃن.
اسان وٽ هيومن رائيٽس جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ نوي پرسنٽ عورتون ڪنهن نه ڪنهن گهريلو تشدد جو شڪار ٿين ٿيون، رسم و رواج به عورتن تي تشدد جو سبب بڻجن ٿا. ڪاروڪاري، بدي جي شادي، سڱ چٽيءَ جي شادي، پيٽ لکرائڻ واري شادي، پئسن تي وڪرو ٿيل ڇوڪريءَ جي شادي وغيره. اسان وٽ نياڻين جي يا زندگيءَ جي ڪنهن به فيصلي ۾ عورت کي اهميت نه ڏني ويندي آهي. افسوس اڄ جي ان جديد دور ۾ به عورتن سان اڻ برابريءَ جو رويو رکيو وڃي ٿو. اسان وٽ عورت کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي. جڏهن ان کي علم جي روشنيءَ کان پري رکي شعور ۽ ساڃاهه کان وانجهيل رکبو ته هوءَ ڪيئن پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريندي؟ هوءَ ڪيئن پنهنجي مٿان ذهني جسماني تشدد خلاف ڪجهه ڪُڇندي؟ دنيا جي ملڪن ۾ عورتن جي حقن بابت نصابي ڪتاب ۾ سبق شامل ڪيا ويا آهن پر اسان وٽ عورتن جي حقن جي آگاهيءَ بابت ڪا به منصوبابندي ڪيل نه آهي. شهرن ۾ وري به عورتن کي پنهنجن حقن بابت ٿوري گهڻي آگاهي آهي باقي ڳوٺن جي عورتن کي پنهنجي حقن بابت ڪا ڄاڻ نه آهي. ان کي زندگيءَ جي اصولن ۽ حقن کي سڃاڻڻ لاءِ تعليم ضروري آهي، ان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ کيس جهالت جي اونداهه مان ڪڍڻو پوندو.
افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته عورتن جي حقن بابت قانون جي حوالي سان عورت کي ڪا ڄاڻ ڪانهي. عورت شهري هجي يا ٻهراڙيءَ جي اها ڪٿي ذهني تشدد ۽ ڪٿي جسماني تشدد جو نشانو بڻجي ٿي. ڪٿي وري ٻنهي جو شڪار بڻجي ٿي. صنفن جو فرق جتي ڪٿي موجود آهي . سڄي دنيا ۾ عورتن کي پٺتي رکيو ويو آهي جيڪڏهن عورتن جي حقن لاءِ رياست سنجيده آهي ته سڀ کان پهريائين عورت کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري.
سرڪار عورتن جي حق لاءِ بل ته پاس ڪري ڇڏيا آهن پر انهن تي عمل نه ٿي رهيو آهي. جيستائين اسان جي عام ماڻهو ۽ ادارن ۾ ڳانڍاپو نه ٿيندو، تيستائين اسان جا مسئلا حل نه ٿيندا. رياست جو اهو فرض آهي ته آباديءَ جي اڌ حصي عورت جي تعليم، صحت، معاشي حالتن کي سڌارڻ لاءِ سگهاري ۽ بهتر منصوبابندي ڪري. جيڪڏهن هاڻي به اسان عورتن جا حق جيڪي ان جي زندگيءَ جو بنياد آهن، ان کي نه ڏنا ته اسان جو ايندڙ نسل معاشري لاءِ بهتر ۽ مثبت ڪردار ادا نه ڪري سگهندو. ڇو ته عورت جي ڪڇ ٻار جي پهرين درسگاهه آهي. هڪ پڙهيل لکيل ۽ صحتمند ماءُ توهان کي صحتمند نسل ۽ قوم ڏيندي. رڳو عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ ئي اسان جو مقصد نه هجي، اصل مقصد آهي اڄ جي عورت کي هڪ سٺو ۽ سندس بنيادي حقن جي سڃاڻپ وارو ماحول ڏيڻ ۽ ڪارگر زندگي ڏيڻ.
***

اي پيپر