سي پي اين اي پاران رياستي دٻاءَ رد، اشتهارن جي غيرمنصفاڻي ورڇ خلاف احتجاج جي ڌمڪي

  ڪراچي (  پ ر)ڪائونسل آف پاڪستان نيوزپيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ميڊيا مٿان رياست پاران سڌي توڙي اڻ سڌيءَ ريت دٻاءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وفاقي سڌ سماءَ واري وزارت مواد ۽ پاليسيءَ کي بنياد بنائي سرڪاري اشتهار ڏيڻ کان انڪار ڪري مختلف اخبارن توڙي ميڊيا ادارن کي معاشي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي رکيو آهي، پر ان باوجود صحافت ۽ اظهار جي آزاديءَ جي تحفظ لاءِ سي پي اين اي جدوجهد جاري رکندي، ڇاڪاڻ ته آزاد ميڊيا ئي ملڪي سلامتي ۽ جمهوريت جي ضامن هجي ٿي. سي پي اين اي پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيا ٽربيونلن ٺاهڻ جي اعلان ۽ ميڊيا تي دٻاءَ سميت ٻين مسئلن بابت سي پي اين اي پاران عارف نظامي جي صدرات هيٺ ٿيل اجلاس ۾  ميمبرن شڪايت ڪئي ته پاليسي ۽ مواد جي بنياد تي سي پي اين اي جي ميمبر اخبارن ۽ رسالن کي بلڪل نظرانداز ڪري انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جڏهن ته من پسند اخبارن کي تمام گهڻا اشتهار جاري ڪري نه صرف بدعنواني ڪئي پئي وڃي پر قومي وسيلن کي سخت ڇيهو رسايو پيو وڃي. سي پي اين اي ميمبرن اها پڻ شڪايت ڪئي ته پريس انفرميشن ڊپارٽمينٽ (پي آئي ڊي) اسلام آباد پاران ويب سائيٽ تي جاري ٿيندڙ فهرست ۾ من پسند اخبارن کي ملندڙ اشتهارن جو ذڪر ئي ناهي هوندو. وفاقي حڪومت سرڪاري اشتهارن کي هڪ هٿيار طور استعمال ڪندي علائقائي اخبارن جي ڪوٽا تي به عمل نه پئي ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اشتهارن جي ناانصافي تي ٻڌل ورڇ بابت پرنسيپل انفرميشن آفيسر (پي آئي او) کي سي پي اين اي سيڪريٽريٽ پاران ڪيئي دفعا خط لکيا ويا آهن پر ان جو ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪجهه ميمبرن جو چوڻ هو ته اشتهارن جي غير منصفانه ورڇ جو وڏو سبب پي آئي ڊي اسلام آباد ۾ عروج تي پهتل بدعنواني به آهي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سرڪاري اشتهارن جي شفاف ۽ انصاف ڀري ورڇ کي يقيني بنائي پي آئي ڊي اسلام آباد مان ڪرپشن جو خاتمو آندو وڃي، نه ته بدعنوانين ۽ جانبداريءَ خلاف وفاقي سڌ سماءَ واري وزارت جي آفيس ٻاهران احتجاج ڪيو ويندو. اجلاس ۾ انور ساجدي، ارشاد احمد عارف، سردار خان نيازي، ڊاڪٽرحافظ ثناء اللہ خان، ڊاڪٽر جبارخٽڪ، حامد حسين عابدي، عامر محمود، شڪيل احمد ترابي، تنوير شوڪت، ڪاظم خان، عبدالرحمان مڱريو، مقصود احمد يوسفي، اياز خان، طاہر نجمي، شاهين قريشي، غلام نبي چانڊيو، مشتاق احمد قريشي، عارف بلوچ، ذوالفقار احمد راحت، سعيد خاور، محمد عرفان، شير محمد کهاوڙ، محمد اڪمل چوہاڻ، اشرف سهيل، عبدالخالق علي، بشير احمد ميمڻ، محمد اويس رازي، يحيا خان سدوزئي، محمود عالم خالد، وقاص طارق فاروق، محمد طاہر، اعجاز الحق، فقير منٺار مڱريو، خليل الرحمان، زبير محمود، ممتاز احمد صادق، سيد شمس الضحا شاهه، سردار نعيم، علي احمد ڍلون، سهيل دانش، منزہ سہام، بلقيس جهان، عثمان ساٽي، احمد اقبال بلوچ، مدثر عالم، سلمان قريشي ۽ سيد رضا شاهه سميت ملڪ جي مختلف حصن مان آيل ايڊيٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *