اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان ۾ چيني سفير يائوجنگ چيو آهي ته سي پيڪ ۾ تيرنهن ارب ڊالر جو ڪمرشل قرض پاڪستان کي نه ڏيڻو پوندو. اسان کي پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان مان گهڻيون اميدون آهن. چيني سفارتخاني ۾ ٻئين بيلٽ اينڊ روڊ فارم انٽرنيشنل ڪارپوريشن تي بريفنگ ڏيڻ لاءِ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي چيني سفير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ٻئين بيلٽ اينڊ روڊ فارم انٽرنيشنل ڪارپوريشن ۾ مهمان خصوصي جي طور تي شرڪت ڪندو. جڏهن ته ٻين ملڪن جا چاليهه اڳواڻ به تقريب ۾ شرڪت ڪندا.هن چيو ته پاڪستان جو بيلٽ اينڊ روڊ فارم جي تعمير ۾ بهترين ڪردار رهيو آهي جڏهن ته عمران خان جي ويزن ۽ پاليسين کي عالمي دنيا ۾ به ساراهيو پيو وڃي. پاڪستان ۽ چائنا آفيشل هن دوري کي بهترين بنائڻ جي ڪاوشن ۾ آهي. جڏهن ته پاڪستان هن پراجيڪٽ ۾ سڀني کان گهڻو حصيدار آهي. چيني سفير چيوته اسان جي خواهش آهي ته سي پيڪ جي مارڪيٽ جو نوي فيصد حصو پاڪستاني شين کي ملي سگهي. جڏهن ته بيلٽ اينڊ روڊ پراجيڪٽ ۾ سوشل سيڪٽر جي بهتري جي لاءِ ڇهه ايڪشن پلان تيار ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ تعليم، صحت، ايگريڪلچر، آبپاشي، هيومن ريسورس ڊولپمينٽ ۽ غربت شامل آهن. هن چيو ته پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ چائنا جي بهترين تعليمي ادارن ۾ اسڪالر شپ رکيون ويون آهن. اسان کي پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان مان گهڻيون اميدون آهن.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چين هيستائين سي پيڪ ۾ يارنهن پراجيڪٽ مڪمل ڪري ورتا آهن جڏهن ته وڌيڪ يارنهن مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن ۽ ان ٻاويهه پراجيڪٽن تي اوڻيهه ارب ڊالر جو خرچ ڪيو ويو آهي. چيني سفير چيو ته پاڪستاني حڪومت اعتماد جوڳي آهي جڏهن ته سي پيڪ ۾ سمورن پاڙيسري ملڪن جي شموليت کان بغير مقصد حاصل نٿا ڪري سگهجن.