سي پيڪ ۾ توانائي جي ضرورتن پوري ڪرڻ ۾ ٿر ڪول جو اهم ڪردار هوندو: وڏو وزير

ڪراچي (م ڊ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سي پيڪ منصوبي سان ان جي شروعات کان اڳ کان وٺي آهيان، پاڪ چين لاڳاپن جي مضبوطي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو اهم ڪردار آهي، سي پيڪ سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته چين جو ون بيلٽ ون روڊ جو تصور 64 ملڪن کي پاڻ ۾ ملائيندو، سي پيڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم روڊ نيٽ ورڪ جو ڪردار ادا ڪندو، ڪراچي کي سي پيڪ ڪوريڊور سان ملائڻ جي ضرورت آهي، وڏي وزير چيو ته سي پيڪ ۾ سرڪلر ريلوي، ڌاٻيجي انڊسٽريل زون شامل ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون، سي پيڪ ۾ توانائي جي ضرورتن پوري ڪرڻ ۾ ٿر ڪول جو اهم ڪردار هوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *