ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي گورنر محمد زبير سان چين جي پيپلز لبريشن جي آرمي جي ٽاسڪ گروپ جي وفد ريئر ايڊمرل شين هائو جي قيادت ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ياد رهي ته چين جي نيوي جي اهو ٽاسڪ گروپ مختلف ملڪن جي دوري تي آهي، ملاقات دوران پاڪ چين ٻه طرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي نيويءَ ۾ ويجھو تعاون سي پيڪ ۽ گڏيل دلچسپي جي وڌيڪ معامل تي ڳالهيون ڪيو ويون، ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مثالي دوستيءَ جا لاڳاپا آهن اهي لاڳاپا خلوص گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهن. جيڪي هر آزمائش تي پورو لٿا آهن، هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ صحيح معنيٰ ۾ گيم چينجر آهي جنهن جو سڄي دنيا اعتراف ڪري رهي آهي اقتصادي راهداري منصوبو ٻنهي ملڪن ۾ ويجھن لاڳاپن جو ثبوت اهي سي پيڪ مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان ۾ تعمير ۽ ترقي جي سنهري دور جي شروعات ٿيندي، سي پيڪ جي تحت 34 ارب ڊالر جي توانائي جا منصوبا ملڪ مان بجلي جي بحران جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿيندا، ٻنهي ملڪن ۾ سي پيڪ جي صورت ۾ قتصادي تعاون وقت جي اهم ضرورت هئي گورنر چيو ته امن جي قيام کان پوءِ ڪراچي سيڙپڪاري لاءِ آئيڊيل شهر بڻجي چڪو آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مسلسل واڌ سان خطي ۾ بيروزگاري ۽ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي، وفاقي حڪومت جي معاشي پاليسي سان معاشي سرگرمين ۾ واڌ ٿي رهي آهي.