اسلام آباد (بيورو): وفاقي وزير احسن اقبال سان بلوچستان کان آيل پارٽي ورڪرز ۽ نوجوانن ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته سي پيڪ پاڪستان بابت دنيا جي راءِ تبديل ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته پاڪستان جا دشمن سي پيڪ جي ڪاميابي کي روڪڻ لاءِ شڪ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، گوادر خطي ۾ ترقيءَ جو محور بڻجي اڀري رهيو آهي، هن چيو ته سي پيڪ تيزيءَ سان حقيقت ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، سي پيڪ خلاف ڪا سازش ڪامياب نٿي ٿي سگهي، پهريون ڀيرو بلوچستان جي عوام جي احساس محرومي ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي، احسن اقبال چيو ته ترقياتي منصوبن، رستن جو ڄار وڇائڻ سان بلوچستان جو عوام قومي وهڪري جو حصو بڻجي چڪو آهي، سي پيڪ جي منزل پاڪستان ۾ صنعتي انقلاب جي راهه هموار ڪرڻ آهي، هن چيو ته توانائي، انفراسٽرڪچر، بندرگاهه جا منصوبا ملڪ ۾ صنعتي انقلاب جو بنياد رکندا، اهو ڏينهن پري ناهي، جڏٿهن ميڊ ان پاڪستان سڄي دنيا ۾ معيار جي علامت سمجهيو ويندو، چين 85 ملين روزگار جا موقعا گهٽ پيداواري لاڳت جي ملڪن کي منتقل ڪري رهيو آهي