ڊيووس(م ڊ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سي پيڪ هڪ روڊ هڪ بيلٽ جو اهم حصو آهي. منصوبي تحت مواصلات ۽ توانائي جي ڍانچي تي ڪم ٿي رهيو آهي. تفصيل موجب وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ڊيوس ۾ عالمي اقتصادي فروم جي اجلاس ۾ ٿيل مباحثي ۾ شرڪت ڪئي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته سي پيڪ هڪ روڊ هڪ بيلٽ جوا هم حصو آهي. منصوبي تحت مواصلات، توانائي جي ڍانچي تي ڪم ٿي رهيو آهي. علائقائي رابطن سان ملڪ هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا. منصوبو خطي ۾ اقتصادي سرگرمين جي هٿي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندو. هن چيو ته سي پيڪ هڪ خطي هڪ روڊ جو اهم جزو آهي. منصوبي سان خطي جا ملڪ هڪ ٻئي سان سلهاڙجي ويندا. سي پيڪ خطي ۾ خوشحالي آڻيندو. وزير اعظم جو چوڻ هو ته روڊن، بندرگاهن، انفرااسٽريڪچر کي جديد بڻائڻو آهي. صنعت ۽ واپار ۾ واضح واڌ ٿي رهي آهي. سي پيڪ سان برآمدات ۾ 15 سيڪڙو واڌ ٿي. سي پيڪ جي تحت ريلوي ۽ هوائي اڏن کي اپ گريڊ ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ منصوبن ۾ ماحولياتي گندلاڻ ۾ گهٽتائي تي ڌيان آهي. تيل سان هلندڙ بجلي پلانٽ نئين ٽيڪنالاجي ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون.