اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته سي پيڪ جي سڀني منصوبن تي بروقت ۽ اثرائتي عمل جي لاءِ پرعزم آهيون، سي پيڪ کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ چين جي مدد تي ٿورائتا آهيون، چين جي پاور ڪمپنيءَ جي چيئرمين سان ملاقات دوران وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو اولين ترجيح آهي، وزيراعظم چيني وفد کي چيو ته چيني ڪمپنيون ٽرانسميشن لائنون، هائيڊرو پاور پراجيڪٽن ۾ به سيڙپ ڪاري ڪن، بجليءَ جي منصوبن جي جلد مڪمل ٿيڻ سان توانائي بحران تي قابو آڻڻ ۾ مدد ملندي، توانائي منصوبن جي بروقت تڪميل جي لاءِ حڪومت سڀئي وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون، ان موقعي تي چيني پاور ڪمپنيءَ جي چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاريءَ جا موقعا ڳولينداسين، پاڪستاني پروفيشنلز جي تربيت ۽ ڪم ۾ واڌ واري پروگرام جو حصو آهي، يان زي يونگ جو چوڻ هو ته توانائيءَ جي شعبن ۾ سهڪار سان پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.