ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جون قربانيون دنيا قبول ڪري رهي آهي، برڪس جي پڌرائي ۾ ڪابه نئين ڳالهه ناهي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته يورپي يونين به پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي. هن چيو ته ٽرمپ جي بيان کي هڪ پاسي رکو، چين ۽ روس پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ جو مقصد پاڪستان جي ڪاروبار کي توانائي ڏيڻ آهي. سندس چوڻ هو ته دشمن سي پيڪ خلاف سازشون ڪري رهيو آهي. احسن اقبال چيو ته پاڙيسري ملڪ پاڪستان ۾ بدامني پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته دشمن اسان وچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت کي ڏڦيڙ پکيڙڻ جو جواب ڏيڻ جي صلاحيت آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا ميڊيا به پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪيو آهي. احسن اقبال چيو ته اسان پاڻ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف آهيون. هن چيو ته اسان جو مقصد پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائڻ آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته هو عدالتي فيصلي تي عمل ڪري رهيا آهن، آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ سرڪار ۾ ورڪنگ رليشن شپ بهتر ٿي ويندو.