اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سي پيڪ سان لاڳاپيل خوابن جي تعمبير جو وقت شروع ٿي ويو آهي.پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سي پيڪ منصوبن تي عمل ڪرڻ جون مخلصانه ڪاوشون رنگ آڻي رهيون آهن. پاڪستان ۽ چين جي گڏيل پاور پلانٽ جو افتتاح خوشي جهڙو قدم آهي. موجوده حڪومت جي شفافيت ۽ بدعنواني جي خلاف عزم کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سرمائيڪاري لاءِ گهري دلچسپي وٺي رهيون آهن.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان وفاق جا 2 خوبصورت گلدستا آهن. وزيراعظم عمران خان سنڌ ۽ بلوچستان جي پسماندگي کي ختم ڪرڻ ۽ اتان جي عوام جي معيار زندگي کي بلند ڪرڻ جي لاءِ مخلصانه ڪاوشون ڪري رهيو آهي. بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ انشاءَالله هي صوبو جلد ترقي ۽ خوشحالي جي رستن تي گامزن ٿيندو.