سي پيڪ سان علائقائي واپار ۾ واڌ ٿي آهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان چين جي وفد ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم هائوس ۾ چيني وفد وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران وزيراعظم جو چوڻ هو ته چيني وفدن جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي پارليمان جي گڏيل رابطا مضبوط ٿيندا، 2015ع ۾ چن جي صدر جي دوري سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، سي پيڪ سان علائقائي واپار ۾ واڌ ٿي آهي، سي پيڪ منصوبي سان خطي جا لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪندا، ٻنهي ملڪن جي سهڪار سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، ايندڙ مهيني چيني صدر جي دعوت تي بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت ڪندس، سي پيڪ خطي جي عوام کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ واري سوچ جو مظهر آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *