لنڊن ( م ڊ ) برطانوي اخبار انڪشاف ڪيو آهي ته چين ۽ بلوچ ويڙهاڪ تنظيمن ۾ سي پيڪ جي حفاظت لاءِ پنجن سالن کان ڳالهيون جاري آهن. برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز جي رپورٽ موجب چين پنجن سالن کان وڌيڪ عرصي کان بلوچ ويڙهاڪن سان ڳجهي نموني ڳالهيون ڪري رهي آهي ته جيئن پاڪ چين اقتصادي راهداري سي پيڪ منصوبن جي حفاظت ڪري سگهجي. فنانشل ٽائيمز موجب چيني حڪومت بلوچستان ۾ ويڙهاڪن سان سڌو ڳالهيون ڪري رهي آهي. هڪ پاڪستاني آفيسر ٻڌايو ته چين ان حوالي سان خاموشيءَ سان تمام گهڻي اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته بلوچ ويڙهاڪ ڪڏهن ڪڏهن حملا ڪندا رهندا آهن پر ڪڏهن به وڏي ۽ ڀرپور ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ پاڪستاني اختيارين ڳالهين کان بي خبر آهن پر هنن چيني سفارتڪارن ۽ بلوچ باغين ۾ ڳالهين جي آجيان ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ هڪ آفيسر ٻڌايو ته آخرڪار بلوچستان ۾ امن قائم ٿيڻ جو فائدو ٻنهي کي ئي ٿيندو. هڪ ٻي آفيسر ٻڌايو ته آمريڪا طرفان پاڪستان جي فوجي امداد معطل ٿيڻ بعد اختياريون اهڙي نتيجي تي پهتيون آهن ته چين وڌيڪ ڀروسي جوڳو ساٿي آهي، چين اسان جي مدد لاءِ هتي موجود آهي جڏهن ته آمريڪا تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي. فنانشل ٽائيمز موجب آمريڪا ۽ پاڪستان جي ڇڪتاڻ ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي تنهن کي چين پورو ڪري رهيو آهي. پاڪستان، نيپال، برما ۽ سريلنڪا ۾ چين جي وڌندڙ اثر تي ڀارت ڳڻتي جو شڪار آهي.