سي پيڪ جي ترقي کي مقامي ترقي سان جوڙيو وڃي ته قبول هوندي؛جلال شاهه

ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ حيدر منزل ڪراچي تي پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيد زين شاهه، ڊاڪٽر خليل جان سرهندي، ڊاڪٽر دودو مهيري، اعجاز سامٽيو، روشن علي ٻرڙو، ادريس چانڊيو، ڊاڪٽر مشتاق شيخ ۽ امير علي ٿيٻو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال تي جائزو ورتو ويو ۽ گوادر ۾ سنڌي پورهيتن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.آگسٽ ۾ ڪراچي ۾ اعلانيل سنڌ مارچ جي حوالي سان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ اعجاز سامٽيو ۽ محبوب عباسي کي ميمبر طور کنيو ويو، جڏهن ته 15 جولاءِ کان عوامي رابطا مهم شروعات ڪئي ويندي.سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس 11 جون 10 وڳي جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.سيد جلال محمود شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سي پيڪ جي ترقي کي مقامي ترقي سان جوڙيو وڃي ته قبول هوندي. سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي. سي پيڪ جي پويان ڪنهن به قسم جو جنگي معاهدو هوندو ته اهو ان خطي جي امن لاءِ وڏو خطرو هوندو. هن زور ڀريو ته سنڌ ۾ شروع ٿيندڙ هر معاهدي ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندگي ضروري آهي. چيني شهرين کي ملڪي قانون مطابق ويزا ڏني وڃي. سنڌ حڪومت سي پيڪ مان فائدو وٺندي سنڌ جي نوجوانن کي ترجيحاتي بنيادن تي روزگار فراهم ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *