سي پيڪ جو آغاز آصف علي زرداري 2013 ۾ ڪيو: چيني سفير جو اعتراف

اسلام آباد(بيورو) چيني ايمبيس جي ڊپٽي چيف مشن لي جيان زائو چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي منصوبي جو آغاز اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 2013ع ۾ ڪيو هو ۽ ان وقت جي چيني وزير اعظم سان گڏ ان تي ڳالهيون به ڪيون هيون. پر هتي اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ن جي تاحيات سربراهه ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف اِها دعويٰ ڪئي هئي ته سي پيڪ ن ليگ جو منصوبو آهي. سي پيڪ اينڊ رول آف ميڊيا جي حوالي سان ٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي لي جيان زائو چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي منصوبن جي ڪاميابي جو دارومدار شفافيت تي آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جو قومي منصوبو آهي ۽ اهو ون بيلٽ ون روڊ منصوبي جو حصو آهي. هن چيني قيدين کان سي پيڪ تي ڪم ڪرائڻ جي سمورن افواهن کي بي بنياد قرار ڏيند چيو ته اهو منصوبو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو ۽ دوستي کي هٿي ملندي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جاري رکندي جيان زائو جو چوڻ هو ته سڀ کان ضروري شئي سائنٽفڪ پلاننگ اهي ۽ ان کان پوءِ عملدرآمد آهي، اتفاق راءِ ڳالهين سان پيدا ٿيندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي قسمن جا فائدا حاصل ٿيندا آهن. هن چيو ته حڪومت جي اڳواڻي ۽ آس جي عملي ڪارروائي جي هر سطح تي ضرورت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *